پرمانند کتري

پرمانند کتري: ليکڪ، راڳي ۽ سنگيتڪار پرمانند کتري، 26 آگسٽ 1922ع تي، شڪارپور ۾ ڄائو. ڪيترائي گيت، ڀڄن ۽ غزل ڪمپوز ڪري ڳايائين. انٽر تائين تعليم هئس. آل انڊيا ريڊئي تان ڪيترائي دفعا سنگيت ڏنائين، اردو غزل ڳائڻ ۾ مهارت رکندو هو. ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪجهه رچنائون ’لوڪ راجيه‘ مئگزين ۾ ڇپيون هئس. ورهاڱي کان پوءِ بمبئيءَ ۾ وڃي رهائش اختيار ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو